امير بخش شر

امير بخش شر

امير بخش شر

امير بخش شر: ليکڪ ۽ سماجي ڪارڪن اميربخش شر تعلقي سنڌڙي، ضلعي سانگهڙ جي هڪڙي ننڍڙي ڳوٺ مير تاج محمد جي ڇن ۾ پھرين مئي 1960ع تي غريب هاري غلام اڪبر شر جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. 1983 ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي سنڌي ادب ۾ ڪيائين، انهيءَ دوران مختلف نوڪريون به ڪندو رهيو، جن ۾ پرائمري ماستر، پي. ٽي. ويءَ جو پروڊيوسر، ٽه روزه اخبار الفقراءُ سانگهڙ جو نيوز ايڊيٽر، ۽ پوءِ حبيب بينڪ جو مينيجر ۽ زونل هيڊ به رهيو، جتان 2001 ۾ گولڊن هينڊشيڪ ورتائين. شاگرديءَ واري دور ۾ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن ۽ اڳتي هلي ڪميونسٽ پارٽيءَ سان به ڪجهه وقت واڳيل رهيو. ارباب غلام رحيم جي دور ۾، وزيراعلى سنڌ جي تعليم، خوراڪ ۽ زراعت جي اهم مانيٽيرنگ ڪميٽين جو ميمبر رهيو ۽ ٽي ورهيه سنڌ سيڊ ڪارپوريشن جي بورڊ آف ڊئريڪٽرس جو ميمبر رهيو. هن 1978ع کان سنڌي ادب ۾ پير پاتو، سندس پھرين لکڻي هلال پاڪستان اخبار جي ادبي صفحي ۾ ڇپي، جنھن بعد مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس لکڻيون امير شر، نامعلوم شر ۽ مختلف نالن سان ڇپجنديون رهيون. هن 2000ع کان ٻيھر اصلي نالي سان لکڻ شروع ڪيو. ايف ايم 98 تان ڳوٺاڻي ڪچھري پروگرام ’ڀنڊار ڪچھري‘ جو سلسلو ٽي چار سال هلايائين. سندس آتم ڪٿائي يادن جي ڪتاب ’رائي پير رتا ڪيا‘ (2015ع) ۽ سنڌ جي ڪلهوڙن جي حڪمراني جي پسمنظر ۾ ’جوڌپور جي جلاوطني‘ نالي ڪتاب پڻ ڇپيل آهي. سندس آتم ڪٿا جو ٻيو ڀاڱو ”ڇپون پير ڇنن“ جي عنوان سان 2018ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. امير بخش شر 5 اپريل 2017ع تي دل جي دؤري سبب وفات ڪئي.


لفظ امير بخش شرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1960.05.01  عيسوي

امير بخش شر پهرين مئي 1960ع تي غريب هاري غلام اڪبر شر جي گهر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ارباب فيض محمد
امداد عباس صوفي
علياڻي ڪبير خان
دليپ ڪمار
اياز خليل چنجڻي
سوامي گنگارام
سيد صالح محمد شاهه1
ڀڳوانداس ميرچنداڻي
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جا پارکو شارح ۽ مترجم1
شير موٽواڻي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون